SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عروضي سنڌي شاعري


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

عروضي سنڌي شاعري

(Prosodic Poetry)

سنڌي شاعريءَ ۾ عروضي شاعريءَ جا ابتدائي اھڃاڻ ڪلھوڙن جي دور (1700-18782ع) کان ملن ٿا. هن دور ۾ نور محمد خسته ۽ ٻيا نالا ملن ٿا. ھن تحريڪ جا باني علم عروض ۽ فارسيءَ کان متاثر ھئا. ھنن عروض جي مشھور ۽ مقبول صنف ”غزل“ تي طبع ازمائي ڪئي. الف ــ ب رديف وارا مڪمل ديوان لکيا. ان کان علاوه مخمس، مسدس، مثنوي، قطع، مستزاد، رباعيءَ جھڙين عروضي شاعريءَ جي صنفن تي طبع ازمائي ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ عروضي شاعريءَ جي باقاعدگي تحريڪي مشڪل ٽالپرن جي دور ۾ نظر اچي ٿي. ھن دور ۾ سيد ثابت علي شاھھ ۽ سچل سرمست عروض جا وڏا شاعر ھئا. ھن قسم جي شاعريءَ تي مڪمل فارسي اثر ھو. انگريز دور جا ۽ ورھاڱي کان پوءِ جا ڪيترائي شاعر فارسي تشبيھون ۽ ترڪيبون استعمال ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا ھئا. کارسي جي ھن تحريڪ ھيٺ شاعري ۾ ائين محسوس ٿيندو ھو تھ ڄڻ بلبل گل مٿان ڦيرا پائي رھي اھي، پروانو شمع مٿان جلي خاڪ ٿي رھيو اھي، عاشقن جا جيرا ۽ بڪيون پچي رھيا اھن، پيمانا ۽ ميخانا مشتاقن سان ڀرجي ويا اھن، ساقي جي ھٿ ۾ جامَ ۽ پيالا اھن، عاشقن جو وصال، نرگسي نيڻ، خمار، من، مستي، ستمگر دليون، نرگسي اکيون، دراز زُُلف وغيره ھن شاعريءَ ۾ رائج ھئا. ھن قسم جي تحريڪ ۾ خليکو گل محمد، غلام محمد شاھھ گدا، مير عبدالحسين سانگي، ميون وڏل حيدري، مرزا قليچ بيگ، مرزا ٻڍل بيگ، اغا فتح علي شاھھ، مير گل حسن خان خيرپوري ۽ ٻيا ڪيترائي شامل اھن. اڳتي ھلي ھن عروضي تحريڪ ۾ نمايان تبديلي اچي ويئي. سنڌ جي شاعرن عرب کان ايران ۽ ايران کان سنڌ تائين پھتل غزل کي ھڪ نئين روپ ۾ بدلائي ڇڏيو. ان ۾ معشوق جي ذڪر، عورتن جي حسن ۽ دانھن بدران صوفياڻون صلاحون، ناصحاڻا نقطعا، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اخلاقي موضوعن جو بيان ٿيڻ لکو ان ڏس ۾ بيشمار شاعرن جو سھڪار شامل رهيو، جن ھن تحريڪ کي وڌايو ۽ ترقي ڏياري. ھن تحريڪ کي سنڌ ۾ کيئلداس ’فاني‘، ڪشنچند ’بيوس‘، شيخ اياز، هري دلگير ۽ ٻين جديد شاعرن هٿي ڏني ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن جي اظھار جو بھترين ذريعو بڻايو. موجوده دور ۾ پڻ غزل تي عروضي تحريڪ جو اثر غالب اھي.


Remember Me Also:

عاقرقرحو

ذ. ع. عاقر قَرحا پسارڪي وکر جو هڪ قسم. ڏندن جي درد لاءِ هڪ مفيد دوا. هڪ ٻوٽيءَ جو قسم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal